ديـدار حسـيـن شـاهه رضـوي

ديـدار حسـيـن شـاهه رضـوي

ديدار حسين شاهه رضوي:

ديـدار حسـيـن شـاهه رضـوي: مشهور تعليمدان ۽ ليکـڪ سيد ديدار حسين شاهه ولد غلام محمد شاهه رضوي، 11 مارچ 1948ع تي ديهه ڪلانڪوٽ، چاچڙڪي مڪان، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم مسلم اسڪول آخوند براديه ٺٽي مان ورتي، مئٽرڪ 1964ع ۾گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي مان ۽ انٽر آرٽس 1966ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ٺٽي مان ڪيائين. بي. اي (اقتصاديات) 1969ع ۾ ۽ ايم. اي (اقتصاديات) 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين. انهيءَ سان گڏ 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوليٽيڪل سائنس شعبي مان ڊپلوما ان پبلڪ ائڊمنسٽريشن جو امتحان، فرسٽ ڪلاس ۾ ۽ 1969ع ۾ ساڳئي شعبي مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي مان ڊپلوما ان بزنيس ائڊمنسٽريشن ۾ پهريون نمبر آيو. 1972ع ۾ سنڌ لا ڪاليج، حيدرآباد مان ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين. ساڳئي سال PCS ۽ 1973ع ۾ CSS جا امتحان پاس ڪيائين، پر اعليٰ تعليم جي شوق سبب 1973ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ ويو ۽ 1977ع ۾ ماسڪو جي ميخائل واسليويچ لومانسوف يونيورسٽي (Mikhail Vasilivitch Lomonosov University) مان اقتصاديات جي شاخ ’پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ‘ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس مادري زبان سنڌيءَ کان سواءِ اردو، انگريزي، روسي، هندي ۽ سرائيڪي ٻولين جي ڄاڻ آهي. ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه 1971ع کان 1973ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه اقتصاديات ۾ ليڪچرار رهيو، جتان 1973ع ۾ فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا اسٽڊي سينٽر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. ساڳئي سينٽر ۾ کيس 1981ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 1989ع ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. شاهه صاحب هن سينٽر جو 1978ع کان 1984ع تائين ڊائريڪٽر به رهيو ۽ 81-1980ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر به رهي چڪو آهي. 1982ع ۾ ديدار حسين شاهه کي سخت چٽاڀيٽيءَ بعد آمريڪا جي الينوئس يونيورسٽيءَ (Illinois University) ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور چونڊيو ويو، جتي کيس سيمسٽر پڙهائڻ، ورڪشاپن، سيمينارن ۽ سميوليشن پروگرامن ۾ شرڪت جو موقعو مليو. کيس آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين: الينوئس، ڊيوڪ، آرڪنساس، يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا ۽ ايسٽ ويسٽ سينٽر ۽ ٻين ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو. ديدار حسين شاهه مشرقي ۽ مغربي يورپ جا ڪافي ملڪ: آمريڪا، جپان، هانگ ڪانگ وغيره گهمي چڪو آهي. شاهه صاحب 1984ع کان 1986ع تائين انسٽيٽيوٽ آف اسٽراٽيجڪ اسٽڊيز، اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جو فيڪلٽي ميمبر به ٿي رهيو آهي. انهيءَ سان گڏ ايشيا دي فار ايسٽ اينڊ دسائو ايسٽ ۽ گراس روٽس مئگزين جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هيءُ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد پاران پاڪستان جي جديد تاريخ جي اٺن جلدن ۾ اقتصادي جلد لکڻ لاءِ چونڊيو ويو. هن تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا آهن، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.
ديدار حسين شاهه جو ڪتاب ’ترقياتي اقتصاديات‘ (ٻن جلدن ۾) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري پاران 1990ع ۽ 1991ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ان کان اڳ سندس ڪتاب ’اقتصادي فڪر جي تاريخ‘ به ساڳئي اداري ڇپائي پڌرو ڪيو هو.
ديدار حسين شاهه ٺٽي جي رضوي خاندان مان آهي، جنهن خاندان مان وڏا درويش صوفي، حڪمران، اديب ۽ شـاعـر ٿي گذريا آهن، جن ۾ ميران محمد يوسف شاهه، مير لطف علي شاهه، نواب مير ڪمال الدين شاهه، سيد مير مرتضيٰ شاهه، سيد حاجي ذوالفقار شاهه، مير نجم الدين ’عزلت‘، سيد وڏل شاهه ’ڪمتر‘ ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي وغيره، جنهن جو ڪلام پڻ سنڌالاجي ڇپايو آهي. ان کان سواءِ سيد زمان شاهه ’ساقي‘ مشهور ڪافي گو شاعر به سندس ڏاڏي جو ڀائٽيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو